سنڌ جي اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ شهيد بينظير ڀٽو جي 69 هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم ۽ عظيم قائد شهيد بينظير ڀٽو کي سلام پيش ڪريون ٿا، جنهن پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن سان رشتو نڀائڻ جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. صوبائي وزير چيو ته شهيد پاڪستان جي عوام ۽ محروم طبقن کي جمهوري حق ڏيارڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي ۽ آمراڻين حڪومتن جو بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ دهشتگردن ۽ انتها پسندن جي سامهون ديوار بڻجي پاڪستان کي يرغمال ٿيڻ کان بچايو. پاڪستان جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي شهيد والد جي ويزن تي عمل ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان کي اڪيلائي مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور صلاحيتن سان ٻيهر عالمي حمايت حاصل ڪئي. هوءَ اڄ به پوري دنيا ۾ پاڪستان جو روشن چهرو آهي. هن چيو ته ملڪ اڄ شهيد بينظير ڀٽو جي ڪمي محسوس ڪري رهيو آهي. شهيد جيڪڏهن اڄ موجود هجي ها ته ملڪ کي موجوده حالتن کي منهن ڏيڻو نه پوي ها. صوبائي وزير چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي ترقي جي نظريي کي صدر آصف علي زرداري ۽ ان جو فرزند چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳتي وڌائي رهيا آهن. انشاءَ الله عوام جي سهڪار سان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ قوم کي منزل تائين پهچائينداسين ۽ قوم سان واعدو ڪريون ٿا ته شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن تي هلندي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ پنھنجو ڀرپور حصو وجھنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close