سنڌ

شھيد بينظير ڀٽو ثابت قدمي ۽ جدوجھد جي علامت هئي:مراد علي شاهه

ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 69 ھين جنم ڏڻ واري تقريب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ جي صدارت ۾ وزيراعليٰ ھائوس ۾ منعقد ڪئي وئي. بينظير ڀٽو جي بھادريءَ، عظمت ۽ جدوجھد تي ڳالھائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ اسان جي عظيم اڳواڻ قائد جمھوريت محترمھ بينظير ڀٽو جو اڄ جنم ڏينھن آھي. ھن چيو تھ اڄ شھيد بينظير ڀٽو کي نھ رڳو پارٽي ڪارڪن پر سموري عالم اسلام ۽ دنيا ۾ ڀيٽا ڏني پئي وڃي. ھن وڌيڪ چيو تھ اسانجي قائد شھيد بينظير ڀٽو ثابت قدمي، جدوجھد ۽ جمھوريت جي علامت ھئي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سندس ڪابينا ميمبرن سان گڏجي محترمھ بينظير ڀٽو جي 69ھين جنم ڏينھن جي مناسبت سان 69 پائونڊ جو ڪيڪ ڪاٽيو، جنھن تي “69th Birthday Shaheed Mohtarma Benazir Bhutto” لکيل ھو. وڏي وزير ۽ سندس ڪابينا ميمبرن گڏجي “ھيپي برٿ ڊي محترمھ بينظير ڀٽو” وارو گيت پڻ ڳايو. تقريب ۾ صوبائي وزيرن، منظور وساڻ، ڊاڪٽر عذرا پيچوھو، شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاھھ، مڪيش ڪمار چاولا، اسماعيل راھو، سعيد غني، گيانچند اسراڻي، تنزيلا امھ حبيبا، ضيا عباس، وقار مھدي ۽ ٻيا موجود ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button