سنڌ

سيٺارجا ۾ پسند جي شادي تان نوجوان گوليون هڻي قتل،زال زخمي

سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ گاهي خان چاڪراڻي ۾ هٿياربندن گھر تي حملو ڪري 10 سال اڳ پسند جي شادي ڪندڙ 40 سالن جي همٿ علي ابڙو کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته سندس زال خورشيد ابڙو فائرنگ ۾ سخت زخمي ٿي پئي. اطلاع تي پوليس پهچي زخمي عورت کي ۽ مقتول جو لاش کڻائي ٺري ميرواهه تعلقه اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. زخمي عورت خورشيد ابڙو ٻڌايو ته 10 سال اڳ مون همٿ علي ابڙو سان پسند جي شادي ڪئي، جنهن تان منهنجا ڀائر ناراض هئا، انهن گهر تي حملو ڪري منهنجي مڙس کي قتل ڪيو آھي. هوڏانهن پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌي سميت ٻن ٻارن جو اولاد آهي. واقعي تي علائقي ۾ ڏک جي لهر پکڙيل آهي. ٻئي طرف سيٺارجا پوليس جو چوڻ آھي ته پسند جي شادي تان واقعو پيش آيو آھي. هي اصل شڪارپور جي ڳوٺ محمد صادق ابڙو جا رهواسي هئا. عورت جي مائٽن جي خوف کان هتي ڏھن سالن کان ويٺل هئا. حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. جلد قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي طرف مقتول همٿ علي جو مڙهه ڳوٺ گاهي خان چاڪراڻي جي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو. جڏهن ته آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button