سنڌ

پير جو ڳوٺ ڀرسان هٿياربندن انبن جا 41 وڻ وڍي ڇڏيا

پير جو ڳوٺ ڀرسان هٿياربند منٿلي نه ڏيڻ تي آبادگار جاويد احمد ميمڻ جي انبن جي باغ ۾ داخل ٿي 41 انبن جا وڻ وڍي فرار ٿي ويا. اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي نقصان جو جائزو ورتو. ان سلسلي ۾ آبادگار جاويد احمد ميمڻ احتجاج ڪندي چيو ته بدنام ڏوهارين مون کان لکين رپيا روڪ، راڊو گهڙيون ۽ ٻيو سامان منٿلي گهري هئي، نه ڏيڻ تي منهنجي باغ مان ٽيون ڀيرو ڪارروائي ڪري هڪ سئو کان وڌيڪ انبن جا وڻ ۽ کجيون ڪٽي ڪروڙين رپين جو نقصان ڪيو آهي. هن چيو ته جوابدارن خلاف اهڙو ڪيس داخل ڪرايو هو پر پوليس ڏوهارين جي ڌر بڻيل آهي. هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button