سنڌ هاءِ ڪورٽ جڊيشل مئجسٽريٽ جو حڪم نامو معطل ڪندي ڊاڪٽر عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم روڪي ڇڏيو آهي. اربع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جو پوسٽ مارٽم روڪڻ بابت سندس ٻارڙن جي درخواست تي شنوائي ٿي، عدالت عامر لياقت حسين جي پوسٽ مارٽم بابت منع نامو جاري ڪري ڇڏيو. درخواست مرحوم جي پٽ ۽ ڌيءَ پاران داخل ڪئي وئي هئي، جنهن جي تڪڙي شنوائي جي اپيل سنڌ هاءِ ڪورٽ منظور ڪئي هئي، عدالت جي ٻه رڪني بئنچ درخواست تي شنوائي ڪئي. درخواست ۾ ڊاڪٽر عامر لياقت جو پوسٽ مارتم روڪڻ جي اپيل ڪئي وئي، جنهن ۾ ميڊيڪل بورڊ، صحت کاتو، ايس ايس پي اوڀر ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close