سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن اي ايس آئي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

رتوديرو جي رهواسي پوليس عملدار کي هٿياربندن لاڙڪاڻي ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار جو پٽ زخمي ٿي پيو. رتوديرو جي موٽڻ پور محلي جو رهواسي پوليس اهلڪار اي ايس آءِ غلام اڪبر سيانچ کي لاڙڪاڻو جي وليد ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم هٿيار بندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته سندس نوجوان پٽ رياض سيانچ گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڄاڻ ملي آهي ته واقعو پيار پرڻو ڪرڻ تان پيش آيو آهي، ڪجھه مهينا اڳ ڀٽي برادري سان واسطو رکندڙ ناري وحيدان ڌيءُ صحبت ڀٽي گھران نڪري مقتول پوليس اهلڪار جي پٽ سرفراز سيانچ سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، جڏهن ته ڀٽي برادري جي ماڻهن واقعي بعد مقتول جو گھر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو هو، اهڙي واقعي بعد مقتول رتوديرو مان لڏي لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي رهائش اختيار ڪئي هئي، جتي گذريل ڏينهن نامعلوم هٿياربندن کيس فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀاءُ منظور سيانچ دانهيندي چو ته شاهنواز، صحبت ۽ غلام حسين ڀٽي سميت 6 جوابدارن منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي. هن چيو ته ڪورٽ ذريعي ڇوڪري ۽ ناري جو مسئلو حل ٿيل هو، هاءِ ڪورٽ ۾ ڇوڪريءَ پاڻ شادي ڪرڻ جي قبولداري ڪئي هئي، ڀٽي برداري جي ماڻهن جو اسان مٿان زور هو ته ڇوڪرو سرفراز اسان کي ڏيو پر اسان کين ڇوڪرو ڏيڻ کان جواب ڏنو هو. هن چيو ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏيارين. پوليس موجب اي ايس آءِ غلام اڪبر سيانچ پٽ سان گڏجي موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو ته اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري کين زخمي ڪيو، اطلاع ملڻ تي ٻنهي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي اي ايس آءِ غلام اڪبر سيانچ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ۽ سندس پٽ رياض سيانچ بيهوش آهي، في الحال ڪجهه به نٿو ٻڌائي سگهجي جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش رتوديرو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button