سنڌ

ايم پي اي مير نادر خان مگسي پ پ اميدوار جي چونڊ مهم هلائي

ايم پي اي مير نادر علي خان مگسي تعلقي قبي سعيد خان ۾ وارڊ نمبر هڪ پ پ ٽڪيٽ ھولڊ مير غلام اصغر مگسي جي حمايت ۾ تاريخي ريلي ۽ جلسو ڪيو. مير نادر خان مگسي مختلف ڳوٺن ۾ ورڪ پڻ ڪيو، جنهن ۾ ڳوٺ مير ڪرم خان مينگل ۾ پڻ جلسو ڪيو. ان موقعي تي مير ظھير خان مينگل جي ڀا مير نعيم خان مينگل وارڊ نمبر هڪ جي اميدوار مير غلام اصغر خان مگسي جي حمايت ۾ ھٿ کڻي ويو ۽ برادري سميت مڪمل طور تي حمايت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي جلسي ۾ مير سجاد قلندراڻي علي حسن قلندراڻي ڪمالاڻي مگسي، صاحب خان بروھي، گلاب خان کوسو، دين محمد، محمد عمر بجيراڻي، رستم بجيراڻي، محمد خان بجيراڻي سميت ٻين برادرين يقين ڏياريو ته وارڊ نمبر هڪ جي اميدوار غلام اصغر مگسي کي ڪامياب ڪري اوھان کي ۽ مگسي برادري کي سرخرو ڪنداسين ۽ مخالفن کي شڪست نصيب ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button