سنڌ

پ پ ماڻهن کي هٿ کڻڻ لائي لالچون ڏيئي رهي آهي:راشد محمود

جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ ۾ مرحلي وائيز مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن جنهن ۾ پهرين فيز ۾ 4 ڊويزنن جي 14 ضلعن ۾ چونڊون ڪرايون پيون وڃن ۽ ٻي فيز ۾ 16 ضلعن اندر جولاءِ جي آخر ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن. رتوديرو ۾ عزيزيه مدرسي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي هن چيو ته 14 ضلعن ۾ جي يو آءِ جا اڍائي هزار اميدوار حڪمران جماعت جي مقابلي ۾ ميدان ۾ لاٿا آهن، اسان جا 61 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن. هن چيو ته اسان درخواستون موڪلي ٿڪجي پيا آهيون پر اليڪشن ڪميشن ڪنهن درخواست جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته پنهنجي مرضي جا آر اوز ۽ ڊي آر اوز مقرر ڪيا ويا آهن ۽ مرضي موجب تڪ بنديون ڪيون ويون آهن جتي هنن جا پنهنجا ووٽ آهن اهي تڪ ته بحال رکيا ويا پر جتي هنن جي مخالفن جا ووٽ آهن اتي تڪ ٽوڙيا ويا آهن. هن چيو ته هاڻي پ پ وارا ماڻهن کي هٿ کڻڻ لاءِ لکين روپين جون لالچون ڏئي رهيا آهن، اها ڪهڙي قسم جي جھموريت آهي. ان موقعي تي محبت کهڙو، مولانا عبدالعزيز سومرو، حافظ عبدالقادر سيال، مولانا عبدالغفار جويو، طارق سومرو، لالا اسماعيل دراني ۽ ٻيا گڏ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button