سنڌ

دادو جي سماجي ڪارڪن جي گرفتاري خلاف اڳڙا ۾ ريلي

دادو جي سماجي ڪارڪن قادر چانڊيو کي گرفتار ڪرڻ خلاف شهرين غريب آباد کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي علي گوهر چانڊيو، شهباز علي، وارث ڪليري، رمضان چانڊيو، يقين علي ۽ ٻين چيو ته قادر چانڊيو هڪ سماجي ڪارڪن آهي، جيڪو هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندو آهي ۽ مظلوم ماڻهن جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچائيندو آهي. هنن چيو ته دادو پوليس حق سچ جو آواز بلند ڪرڻ تي قادر چانڊيو تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جيل ۾ بند ڪيو آهي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪوڙا ڪيس ختم قادر چانڊيو کي آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button