سنڌ

ڪراچي سيف سٽي پراجيڪٽ جي باقاعده شروعات

سيڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز ڊويزن هيڊڪوارٽرز ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب دوران ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ جي باضابطا شروعات ڪئي وئي آهي، هي منصوبو سنڌ حڪومت ۽ نيشنل ريڊيو ٽيلي ڪميونڪيشن ڪارپوريشن جو گڏيل منصوبو آهي، 2016 ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هن منصوبي کي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، جيڪو ڪيترن سببن جي ڪري دير جو شڪار ٿيو، جنوري 2022 ۾ ڊي آئي جي سيڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز ڊويزن ڊاڪٽر مقصود احمد کي ڊي جي سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي جو اضافي چارج ڏنو ويو، ان کان پوءِ هن منصوبي کي شروع ڪرڻ ۾ تيزي ڏٺي وئي. وڏو وزير مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ڊي جي سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي جي صدارت هيٺ گهٽ عرصي دوران ڪيترائي اجلاس ٿيا، چيف سيڪريٽري ڊي جي سنڌ سيف سٽيز اٿارٽِ جي نگراني ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ته جيئن رٿا جو نئين سر ٽيڪنيڪي ۽ مالياتي جائزو وٺي سگهجي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڊگهي گور ويچار کان پوءِ رٿا جي لاڳت جيڪا 44 ارب رپيا هئي. ان جي معيار کي آڏو رکندي 22 ارب تي آندو ويو. ڊي جي سنڌ سيف سٽي اٿارٽي ڊاڪتر مقصود احمد هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ سنڌ سيف سٽي اٿارٽي جي نمائندا ٽيڪنيڪل ڪميٽي جا ميمبر ۽ پروجيڪٽر جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز هن منصوبي جي شروعات جو باضابطا اعلان ڪرڻ لاءِ شرڪت ڪئي. ڊي جي سنڌ سيف سٽي اٿارٽي چيو ته منصوبي لاءِ بهترين ٽيڪنيڪل ڪمپنين جي چونڊ ڪئي وئي آهي ۽ هي منصوبو ٻن مرحلن ۾ شروع ڪيو ويندو، پهرئين مرحلي ۾ شهر جي مختلف هنڌن تي 4 هزار ڪئميرائون لڳايون وينديون ۽ 2 هزار موجوده ڪئمرائن کي اپ گريڊ ڪيو ويندو، ٻئي مرحلي ۾ شهر ۾ 6 هزار ڪئميرا لڳايون وينديون، ڊي جي ايس ايس سي اي چيو ته هي منصوبو ڪراچي جي عوام لاءِ هڪ تاريخي، فائديمند ۽ تحفظ جو ذريعو ثابت ٿيندو. ڊي جي سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي ۽ ٽيڪنيڪي ٽيم اين آر ٽي سي ۽ وينڊرز سان پراجيڪٽ جي هڪ شئي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مختلف ڪمپنين جي 50 کان وڌيڪ نمائندن مختلف اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي پروڊڪٽس جي ڪوائلٽي ۽ معيار پيش ڪيو. هن منصوبي ۾ موجوده 2000 سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي اپ گريڊيشن، ايمرجنسي ريسپانس سسٽم ۽ ان لاءِ گاڏيون، هيومن ريسورس ۽ ٽريننگ جي سهولت، ڊجيٽل ڪميونيڪيشن نيٽ ورڪ سميت ڪيتريون تجويزون شامل ڪيون ويون، جيڪي پهريان منصوبي جو حصو نه هيون، جيڪي ڪمپنيون پروجيڪٽ مڪمل ڪرڻ ۾ ٽيڪنيڪي خدمتون فراهم ڪنديون، انهن ۾ ڪيٽرپلر، هائي ٽيرا، ويريڪون، اوايا، شنيڊر، اي پي سي، اوريڪل، اين آر ٽي سي، سسڪو، هڪويزن، آپٽيڪ پرائيويٽ لميٽيڊ، گلوبل ڪنيڪٽ سائنرجي، ايڇ پي، هاءِ اسٽار، ايمپيڊ 5، ڊي جي آئي، ٽويوٽا ۽ سوزوڪي شامل آهن. ٽيڪنيڪي خدمتن کان علاوه هي ڪمپنيون ايس ايس سي اي ۽ اين آر ٽي سي جي اهلڪارن کي آپريشنل، ٽيڪنيڪي ۽ مرمت جي تربيت فراهم، ڪنديون تقريب جي پڄاڻي تي پروجيڪٽ شروع ڪرڻ لاءِ ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ دعا ڪرائي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button