سنڌ

سنڌ ۾هارين جي رجسٽريشن ڪئي وڃي:هاري ويلفيئر ايسوسيئيشن

هاري ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران سنڌ ۾ هارين جي صورتحال بابت سالياني رپورٽ جاري ٿي تقريب ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪوٺائي وئي، هن تقريب ۾ سڄي سنڌ مان هارين مزدورن، سماجي تنطيمن ۽ انساني حقن لاءِ ڪمڪندڙ ملڪي ۽ پرڏيهي تنظيمن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرپرسن جسٽس رٽائرڊ ماجده رضوي ڪراچي پريس ڪلب ۾ هاري ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ رپورٽ جي مهورت ۾ شرڪت ڪئي. انيس هارون، قومي ڪميشن انساني حق، ڪرامت ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبر ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ، انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جو نمائندو اعجاز احمد فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي نمائنده محترمه ڪلپنا ناليج فورم جي محترمه نغمه شيخ ۽ عورتن جي حيثِت بابت ڪميشن جي سربراهه محترمه نذهت شيرين خطاب ڪيو. هارين جي صورتحال تي رپورٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته سنڌ ۾ هارين جي صورتحال خراب آهي، هارين کي سندن بنيادي حقن کان محروم رکڻ جو سلسلو اڃا تائين هلندڙ آهي. رپورٽ جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾جبري پورهيو ڪندڙ هارين ۽ مزدورن جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. سال 2021 ۾ 1465 هارين ۽ مزدورن کي جاگيردارن ۽ بٺي مالڪن جي نجي جيلن مان عدالتي حڪمن جي ذريعي آزاد ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ 445 ٻار ۽ 521 عورتون شامل آهن. هارين جي حقن جي حوالي سان موجود سنڌ ٽيننسي ايڪٽ 1950 تي هن وقت تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سان سنڌ جا لکين هاري پنهنجي حقن کان محروم آهن ۽ جاگيردار وڏيرا سندن استحصال ڪري رهيا آهن. مقررن مطالبو ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي تاريخي فيصلي کي سنڌ حڪومت پاران سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺي سنڌ ۾هارين جي رجسٽريشن ڪئي وڃي. سنڌ بانڊيڊ ليبر سسٽم ايباليشن ايڪٽ تي عمل ڪرائي سنڌ مان جبري پورهئي جو خاتمو ڪرايو وڃي. سنڌ حڪومت پاران مقرر ٿيل ماهوار اجرت 25 هزار تي عمل ڪرايو وڃي ۽ سنڌ ۾ هارين جي يونين ٺاهڻ واري عمل کي سولو بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button