سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پولنگ ايجنٽ تان جهيڙو، هڪ گرفتار، ٿاڻي اڳيان ڌرڻو

لاڙڪاڻي جي ميونسپل ٽائون ڪاميٽي دڙي جي ڪرمان باغ مسڻ پولنگ اسٽيشن تي مبينا طور آزاد اميدوار عبدالرئوف شيخ کي پولنگ ايجنٽ فراهم ڪرڻ جي معاملي تان پيپلزپارٽي ڪارڪنن ۽ آزاد اميدوارن جي حمايتن وچ ۾ ڇڪتاڻ رهي ۽ انهن هڪٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. اطلاع تي پوليس پهچي اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر، سماج سڌارڪ ۽ بئريسٽر اختر جبار شيخ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جنهن دوران سندس حمايتن جي پوليس سان منهن ماري ٿي، بعد ۾ پوليس کيس مارڪيٽ ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ٻڌايو ته اختر جبار شيخ شهدادڪوٽ واسي همراهه کي پولنگ اسٽيشن تي کڻي اچي آزاد اميدوار عبدالرئوف شيخ جو پولنگ ايجنٽ بڻائڻ چاهي پيو، اسان جي اعتراض تي پوليس پهتي آهي. هوڏانهن بئريسٽر اختر جبار شيخ جي گرفتاريءَ خلاف بئريسٽر ٽيم طرفان آزاد اميدوار عبدالرئوف شيخ، سماج سڌراڪ ۽ شاگرد اڳواڻ آڪاش ڇلگري طرفان مارڪيٽ ٿاڻي ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هنن دانهيو ته پرامن ماڻهن کي گرفتار ڪرائڻ پيپلزپارٽي جي دهشتگردي ۽ غنڊاگردي آهي، ڇاڪاڻ ته يوسي ون ۾ پيپلزپارٽي اميدوار سهيل انور سيال جو ڀاءُ آهي، جن کي اهو خوف آهي ته هو هارائي ويندا، تنهن ڪري شعور يافته ماڻهن کي گرفتار ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، جنهن عمل جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته بئريسٽر اختر جبار شيخ کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هوڏانهن اطلاع تي ايم پي اي معظم عباسي ۽ مولانا راشد محمود سومرو پنهنجي ڪارڪنن سان گڏجي مارڪيٽ ٿاڻي تي پهتا جن واقعي بابت تفصيل ورتا. جڏهن ته پنجن ڪلاڪ بعد بئريسٽر اختر جبار شيخ کي پوليس طرفان آزاد ڪيو ويو. آزادي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اختر جبار شيخ اعلان ڪيو ته آئون اهڙي واقعي بابت اليڪشن ڪميشن، لاڙڪاڻو پوليس ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻن خلاف روڊن تي نڪري سپريم ڪورٽ پڻ ويندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button