سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پولنگ اسٽيشن تي ڇڪتاڻ، جي يو آئي ڪارڪنن جو احتجاج

ميونسپل ٽائون ڪاميٽي دڙي جي يونين ڪاميٽي 5 گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول مراد واهڻ واري پولنگ اسٽيشن تي ڪوريج لاءِ پهتل نجي ٽي وي چئنل جي ڪئمرامين منور علي ڀٽو کي ايس ايڇ او دڙي عبدالستار ڀيو منهن ماري ڪري کيس ڪوريج کان روڪي ورتو، اهڙي عمل خلاف صحافين پولنگ اسٽيشن ٻاهران احتجاج ڪيو. لاڙڪاڻي شهر جي ميونسپل ٽائون ڪاميٽي ايمپائر جي يونين ڪاميٽي هڪ تي پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن وچ ۾ منهن ماري بعد ڇڪتاڻ ٿي جنهن تي جي يو آءِ جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا، اطلاع تي جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو پهچي پهچي گاڏي مان پنهنجي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو جهيڙو نه ڪن. ميونسپل ٽائون ڪاميٽي حيدري جي يونين ڪاميٽي چار جي گجڻ پور پولنگ اسٽيشن تي مبينا طور پيپلز پارٽي جي عورت ووٽرن کي ووٽ ڪاسٽ نه ڪرڻ تان پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب منهن ماري ٿي جتي پيپلز پارٽي جا ڪارڪن پولنگ اسٽيشن جي ڀتين تي چڙهي پيا ۽ سخت نعريبازي ڪئي.لاڙڪاڻي جي ميونسپل ٽائون ڪاميٽي حيدري جي يونين ڪاميٽي 2 جي وارڊ 4 اولڊ بس اسٽينڊ جي شاهه آباد هيلٿ ڊسپينري پولنگ اسٽيشن تي ڇڪتاڻ تي پيپلز پارٽي جي حمايتين پي ٽي آئي جي حمايت يافته چيئرمين جي آزاد اميدوار ايڊووڪيٽ جاويد بليدي ۽ وائيس چيئرمين عاشق جتوئي مٿان عورت پولنگ اسٽيشن تي مرد بيهارڻ جو الزام لڳايو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين جي حمايتن وچ ۾ منهن ماري ٿي. اطلاع تي ڊي ايس پي ميران خان دراني پوليس نفري سان گڏ لاڳاپيل پولنگ اسٽيشن تي پهچي تفصيل ورتا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button