
لاڙڪاڻي شهر اندر 20 يونين ڪاميٽيز تي اليڪشن جي غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ کي وڏي سرسي حاصل آهي ۽ مخالف اتحاد هن ڀيري به ڪامياب نه ٿي سگهيو، غير سرڪاري نتيجن موجب شهر جي 17 يونين ڪاميٽيز پ پ پ پنهنجي نالي ڪري ورتيون، جتي پ پ جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٻڌايا پيا وڃن، جن ۾ شهر جي دڙي ٽائون يوسي هڪ جي چيئرمين امين شيخ، وائيس چيئرمين شاهه رخ انور سيال، حيدري ٽائون يوسي 2 جي چيئرمين منير احمد سومرو، وائيس چيئرمين عبدالحق کهاوڙ، حيدري ٽائون جي يوسي ون تي چيئرمين انور لهر، وائيس چيئرمين غلام محمد ڪورائي، حيدري ٽائون يوسي 3 تي چيئرمين شفيق چانڊيو، وائيس چيئرمين علي مراد ميراڻي، حيدري ٽائون جي يوسي 4 تي چيئرمين ذوالفقار بروهي، وائيس چيئرمين ظفر شاهه، حيدري ٽائون جي يوسي 5 تي چيئرمين اسلم مغيري، وائيس چيئرمين منور لهر، دڙي ٽائون جي 3 تي چيئرمين قاسم بروهي، وائيس چيئرمين مٺل چانڊيو، يوسي 4 چيئرمين رفيق ڪرماڻي، وائيس چيئرمين غلام رسول لغاري، يوسي 5 چيئرمين خير محمد شيخ، وائيس چيئرمين هارون هليو، ايمپائر ٽائون جي يوسي 2 تي ساجد ڊومڪي، وائيس چيئرمين آفتاب عباسي، يوسي 3 تي چيئرمين غلام نبي ڀٽو، وائيس چيئرمين وقار ڀٽو، يوسي 5 تي چيئرمين يوسف ڀٽو، وائيس چيئرمين ماجد بروهي، سچل ٽائون جي يوسي ون تي چيئرمين چنگيز ابڙو، يوسي 2 تي چيئرمين ڪاشف عمراڻي، يوسي 3 تي چيئرمين دانش لغاري، وائيس چيئرمين سرفراز کوکر، يوسي 4 تي عطا محمد ميمڻ، وائيس چيئرمين عبدالوهاب رند غير سرڪاري نتيجن موجب ڪامياب ٻڌايا پيا وڃن، جڏهن ته جي ڊي اي اميدوارن سچل ٽائون يوسي 5 تي چيئرمين اويس عباسي، ايمپائر ٽائون يوسي ون تي چيئرمين علي حسن ڏاهاڻي، وائيس چيئرمين محمود الحسن سومرو، ايمپائر ٽائون يوسي 4 تي چيئرمين حفيظ سامٽيو، وائيس چيئرمين شاهد گاد جي ڪاميابي جا امڪان آهن، غير سرڪاري نتيجن موجب ڪامياب ٿيل اميدوارن جي حمايتن طرفان شاندار جشن ملهايو ويو، جن پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ دهل شرنائن تي ريليون ڪڍي جهمريون هڻي پنهنجن ڪامياب اميدوارن کي گلن پارائي مبارڪون ڏنيون، آخري اطلاعن تائين اليڪشن ڪميشن طرفان حتمي نتيجا جاري نه ڪيا ويا آهن.