سنڌ

بخشاپور ٽائون ڪميٽي تي پي ٽي آئي ڪلين سوئيپ ڪري ورتي

بخشاپور ٽائون جي ٽنهي وارڊن تي پي ٽي آئي جي اميدوارن اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي. بخشاپور ٽائون جي وارڊ نمبر هڪ تي پي ٽي آئي جي اميدوار مير سالار ڊومڪي 585 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، پ پ اميدوار محمد عمر ڊومڪي 93 ووٽ کڻي سگهيو. وارڊ نمبر 2 تي پي ٽي آئي جي محمد حنيف ڊومڪي 649 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، پ پ اميدوار رجب علي ڊومڪي ڪل 94 ووٽ کڻي سگهيو. وارڊ نمبر 3 تي پي ٽي آئي اميدوار مير محمد ڇڄڻ 894 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، پ پ اميدوار گلزار ڊومڪي 395 ووٽ حاصل ڪري سگهيو.ڪاميابي تي پي ٽي آئي جي ڪارڪنن مير غالب حسين ڊومڪي جي رهائشگاهه تي خوشي ۾ جشن ملهايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button