سنڌ

قمبر ميونسپل ڪميٽي تي پيپلزپارٽي کي سرسي، 3 وارڊن تي پي ٽي آئي ڪامياب

قمبر ميونسپل ڪميٽي جي 14 وارڊن مان 9 وارڊن تي پ پ اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي، 3 وارڊن تي پي ٽي آئي ۽ هڪ وارڊ تي آزاد اميدوار ڪاميابي ماڻي. جڏهن ته وارڊ نمبر 12 تي چونڊ ملتوي ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ميونسپل ڪميٽي جي 14 وارڊن تي غير حتمي نتيجن موجب وارڊ نمبر هڪ تي پي ٽي آئي اميدوار عمران حسن ھڪڙو 581 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏھن ته پ پ اميدوار گدا حسين ڪوري 353 ووٽ کڻي سگهيو. وارڊ نمبر 2 تي پي ٽي آئي اميدوار دوست محمد هڪڙو 425 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، آزاد اميدوار عبدالمجيد بروهي 383 ووٽ کڻي هارائي ويو. وارڊ نمبر 3 تي پي ٽي آئي اميدوار محمد علي ھڪڙو 900 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، پ پ اميدوار محمد خان وڌو 615 ووٽ کڻي هارائي ويو. وارڊ نمبر 4 تي پيپلزپارٽي اميدوار محمد پنهل سومرو 251 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، پي ٽي آئي اميدوار گل حسن ھڪڙو 153 ووٽ کڻي سگهيو. وارڊ نمبر 5 تي پ پ اميدوار علي جان ٻرڙو 383 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، آزاد اميدوار خدا بخش سومرو 183 ووٽ کڻي سگهيو. وارڊ نمبر 6 تي پ پ اميدوار ريحان خان چانڊيو بنا مقابلي ڪامياب ٿيل آهي، وارڊ نمبر 7 تي پ پ اميدوار سلطان گوپانگ 370 ووٽ کڻي ڪامياب، جڏهن ته پي ٽي آئي اميدوار ياسين گوپانگ 312 ووٽ کڻي هارائي ويو. وارڊ نمبر 8 تي پ پ اميدوار زاهد گوپانگ 473 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، پي ٽي آئي اميدوار محمد ملوڪ گوپانگ 151 ووٽ کڻي هارائي ويو. وارڊ نمبر 9 تي پ پ اميدوار لياقت علي گوپانگ 417 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، تحريڪ لبيڪ جو اميدوار نعمت الله پهنور 94 ووٽ کڻي هارائي ويو. وارڊ نمبر 10 تي پ پ اميدوار نظير حسين گوپانگ 706 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جي يو آءِ جو اميدوار محمد خان شيخ 206 ووٽ کڻي هارائي ويو. وارڊ نمبر 11 تي آزاد اميدوار سيد اخلاق شاهه 383 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، پ پ اميدوار ولي محمد مگسي 233 ووٽ کڻي هارائي ويو. ميونسپل ڪميٽي قمبر جي وارڊ نمبر 12 تي پ پ شھيد ڀٽو جي نامزد اميدوار وقار شابراڻي جو نشان مڪي جي جا تي تالو ڇپجي وڃڻ سبب اليڪشن ملتوي ڪئي وئي. جنهن جي بعد ۾ چونڊ تاريخ ڏني ويندي، جڏهن ته وارڊ نمبر 13 تي پ پ اميدوار منظور بروهي 678 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، آزاد اميدوار غلام عباس بروهي 569 ووٽ کڻي هارائي ويو. ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 14 تي پ پ اميدوار نور احمد بروهي اڳ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿيل آهي، ڪامياب ٿيل اميدوارن طرفان هوائي فائرنگ ڪري دهل شرناين تي جهمريون ھڻي خوشي جو اظهار ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button