سنڌ

ڪراچي جي ماڻهن کي نوڪري نه ملڻ جي ڳالهه غلط آهي:سعيد غني

صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي ماڻهن کي نوڪري نه ملڻ جي ڳالهه غلط آهي، 47 هزار استاد بنا سفارش جي هڪ ئي ڀيري ۾ ڀرتي ڪيا ويا، يو سي جي سطح تي نوڪريون ڏنيون ويون آهن.سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سعيد غني چيو ته اي او بي آءِ وفاق وٽ آهي، ان بابت ايشوز حل نه ٿي رهيا آهن، وڪرز ويلفيئر فنڊ ۽ اي او بي آءِ صوبي کي ڏنو وڃي. صوبائي وزير چيو ته پيپلزپارٽي مڪاني چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. سندس چوڻ هو ته ڪي فور منصوبي کي ريوائيز ڪرڻ جي ڳالهه ٿي، عمران خان ۽ عمران اسماعيل چيو ته منصوبي ۾ ڪرپشن آهي. سعيد غني چيو ته ڪراچي لاءِ 125 ارب جي ايلوڪيشن ڪئي وئي آهي، 36 ڏهائي 5 ارب ڪراچي جي اسپتالن کي سنڌ حڪومت گرانٽ ڏيندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button