سنڌ

پهرين آگسٽ کان اهي اسڪول به کلي ويندا،جيڪي بند هئا:سردار شاهه

سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت کاتن واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته پهرين آگسٽ کان اهي سمورا اسڪول کلي ويندا، جيڪي صرف استاد نه هئڻ جي ڪري بند هئا، 50 هزار جي قريب استادن جون ڀرتي خالص ميرٽ جي بنياد تي ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ تقرير ڪندي ڪيو. هن چيو ته تقريبن 10 لک ٻارن کي پهرين آگسٽ کان پهريان فرنيچر جي فراهمي مڪمل ٿي چڪي آهي. هن ٻڌايو ته 38699 پي ايس ٽيز ۽ 17355 جي ايس ٽيز سميت ڪل 56056 استاد ڀرتي ڪيا پيا وڃن. جن مان هاڻي آئي بي اي جي ذريعي ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ ئي ٽيسٽنگ پروسيس جي ذريعي 46 هزار کان وڌيڪ استاد مڪمل ميرٽ تي ڀرتي ٿي چڪا آهن. نئين ڀرتي ٿيڻ وارن استادن جي انڊيڪشن ٽريننگ ڪرائي پئي وڃي. ان کان علاوه 1200 سبجيڪٽس اسپيشلسٽس (Internees) ۽ 750 ميوزڪ ٽيچر ۽ 750 آرٽ ٽيچرز ڀرتي ڪيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته آئوٽ آف اسڪول ٻارن جي تعداد مستند نه آهي، اسان جي صوبي ۾ ٻارن جو ايترو وڏي تعداد ئي ناهي، جيترو اين جي اوز اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي ٻڌائيندا آهن. هڪ ڪروڙ 20-30 لک ڪل ٻار آهن، جنهن مان 40-45 لک ٻار ٻار تعليم هيٺ آهي، ۽ ان کان علاوه سيف اسڪولز، مدرسن ۽ ٻيا اسڪولنگ سسٽم ۾ آهن. تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته اسڪول انفرااسٽرڪچر ۾ اسڪولن کي اپگريڊ ڪرڻ سڀ کان اهم آهي، ان سلسلي ۾ SELECT پروجيڪٽ جي تحت -600 اسڪولن کي اپگريڊشن، ADP جي تحت -305 اسڪولن کي اپ گريڊيشن، ASPIRE جي تحت -20 اسڪولن جي اپ گريڊيشن، 160- SSIEP- جي اپ گريڊيشن سميت ٽوٽل 1085 اسڪولن جي اپ گريڊيشن ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پهريون ڀيرو پنج سائنس ميوزيم سنڌ جي ضلعن سکر، بينظير آباد، لاڙڪاڻو، حيدرآباد، ميرپور خاص ۾ قائم ڪيا ويندا. هن ٻڌايو ته اسڪول ڪلسٽرنگ پاليسي جي تحت 1860 ڪلسٽر ۽ 6000 سب ڪلسٽرز ٺاهيا ويندا ۽ جنهن ۾ 60 ڪلسٽرن جي بطور پائليٽ پروجيڪٽ جي شروعات ٿي چڪي آهي. ان کان علاوه استادن جي پروفيشنل ٽريننگز لاءِ تعليم کاتي جي تربيتي اداري اسٽيڊا، پائليٽ ۽ ٽي ٽي آئيز جي ري اسٽرڪچنگ ڪئي پئي وڃي. سيد سردار علي شاهه چيو ته بدقسمتي سان واحد پروفيشن ٽيچنگ جو آهي جنهن ۾ لائسنس نه آهي، برٽش ڪونسل، انگلينڊ بورڊ، آغا خان يونيورسٽي سميت ٻين ادارن کان ٽيچر لائسنسنگ تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان جي بعد ئي ان تي پاليسي فارملائيز ڪئي آهي. استادن جي پنهنجي تعليمي قابليت ئي سماج کي بدلائي سگهي ٿي. سيد سردار علي شاهه چيو ته خواجه اظهار صاحب پرائيويٽ اسڪول کي مافيا چيو پر مان ان کي مافيا جو لقب نٿو ڏئي سگهان ڇوته اتي به اسان جا هي ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پرائيويٽ اسڪولن جو قانون عوام دوست قانون آهي، جنهن ۾ لائبرري، ليبارٽري/پلي گرائونڊ ۽ 10 سيڪڙو غريب ٻار قانون طور تي مفت تعليم ڏيڻ آهي. خوانگي اسڪولن کي سنڌي ۽ اردو ٻئي پڙهائڻيون آهن پر ڪيترائي خوانگي اسڪول ناهن پڙهائيندا. هن لينگويج ايڪٽ تي عمل درآمد لاءِ اسان پهريون دفعو پرائيويٽ اسڪولن جي انگ اکر ڪرايا پيا وڃن ۽ مان ان سمورن انگ اکرن کي اسيمبلي جي سامهون پيش ڪندس. سيد سردار علي شاهه چيو ته سمورا اسيمبلي جا ميمبر صرف هڪ، هڪ اسڪولن کي اون ڪن، 168 اسڪول ٺيڪ ٿي سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button