سنڌ

ڪوٽڙي بئراج وٽ صرف پيئڻ جو پاڻي موجود آهي:ڄام خان شورو

آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو اڄ پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جنھن ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ مالي سال 2023-2022 جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، انھي ڏھاڙي مخالف ڌر رڪاوٽ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو انتھائي افسوسناڪ رويو ۽ قابل مذمت عمل هو. مخالف ڌر وارا ليڊر آف دي ھائوس جي تقرير ٻڌڻ کانسواءِ سڀ ڪجهه ڪري رهيا هئا، جڏهن ته مخالف ڌر کي بجيٽ تي ڳالهائڻ گهرجي ها. ھن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾تنقيد ضرور ٿيڻ گھرجي ۽ اسان انھي مان گهڻو ڪجهه سکون ٿا پر مخالف ڌر اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي ۽ گمس، انڊس اسپتال ۽ پي پي ايڇ آءِ جھڙين صحت جي سھولتن کي ڏني ويندڙ گرانٽس تي تنقيد ڪئي . ھن سوال ڪندي چيو ته ڇا توهان ڪراچي کي 11 سو ارب رپياڏيڻ جو واعدو نه ڪيو هو ۽ عوام کي سمنڊ مان تيل ڪڍڻ جو لالي پاپ نه ڏنو ۽ ڇا توهان ڪراچي جي فلائي اوورن جي تعمير ۽ هتي کير ۽ ماکي جون نديون وهائڻ جي ڪوڙي ڳالهه نه ڪئي؟ ھن چيو ته پي ٽي آئي عوام کي لالي پاپ ۽ ڪوڙن واعدن کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو آهي.
صوبائي وزير ڄام خان شورو جو چوڻ ھو ته گذريل حڪومت ملڪ کي 43 هزار ارب کان وڌيڪ جو قرضي بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ طاس معاهدي تحت سنڌ صوبي جا ٽي دريا دشمن ملڪ کي وڪرو ڪيا ويا ۽ 1960ع ۾ ٻن ڊيمن جي اڏاوت لاءِ اربين ڊالر قرض ورتو ويو ۽ اڄ تائين ملڪ ان قرض ۾ ٻڏل آهي، جڏهن ته سنڌ جي عوام کي 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي سخت اعتراض هئا ان تحت ارسا ايڪٽ ٺاهيو ويو، ڄام خان شورو وڌيڪ چيو ته ھڪ آمر 2013ع ۾ پاڻي جو ٽي رخي فارمولو ڏنو، جنهن تي پيپلز پارٽي سخت احتجاج ڪيو، سنڌ صوبي سان پاڻي جي ورڇ جي معاملي تي وڏو ظلم ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي، پاڻي جي شديد کوٽ سبب ڪينجھر ڍنڍ ڊيڊ ليول جي ويجهو پهچي چڪي آهي ۽ هن وقت ڪوٽڙي بئراج وٽ صرف پيئڻ جو پاڻي موجود آهي. صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو سنڌ صوبو پنهنجي محدود بجيٽ مان 2300 ڪلوميٽر لائينن جي اڏاوت جا منصوبا ڏنا آهن ۽ 18 ننڍن ڊيمن جي اڏاوت جي منصوبي تي ڪم جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button