سنڌ

بلاول ڀٽو ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو

پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سومر ڏينهن پيپلز بس سروس جو افتتاح ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري شاهراهه فيصل تي بس ۾ سفر ڪيو ۽ مسافرن کي مليل سهولتن جو جائزو ورتو. سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته جلد ئي اورنگي کان فاطمه جناح يونيورسٽي تائين عبدالستار ايڌي اورينج لائن جو به آغاز ڪيو ويندو. هن چيو ته پيپلز بس سروس ماڊل ڪالوني کان ٽاور جي روٽ تي هلڻ شروع ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ ڪل 7 روٽس آهن، ڏهن ڏينهن جي وقفي سان ٻين روٽس تي به بسون هلڻ شروع ڪنديون، هن چيو ته هي سرڪاري نه پر عوام جون بسون آهن، شهري انهن جي حفاظت پنهنجي ملڪيت جيان ڪن. هن چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سيڪٽر ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ترڪي جي هڪ ڪمپني سان سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو پلانٽ لڳائڻ بابت ڳالھه ٻولهھ ٿي آهي جنهن سان نه فقط ملڪي ناڻي ۾ بچت ٿيندي پر گھٽ لاڳت سان اعليٰ معيار جون بسون مقامي سطح تي تيار ٿينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جن روٽس تي اهي بسون هلنديون انهن تي پراڻيون بسون جلد ختم ڪرايون وينديون. هن چيو ته ڪنهن کي به بس پروجيڪٽ ناڪام بڻائڻ نه ڏينداسين. جيڪڏهن ڪنهن به بسن ۽ انهن جي اسٽيشنز کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير جي قانون بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضيَ وهاب جو ان ڏس ۾ چوڻ ته ملير کان ٽاور روٽ تائين 140 بسون آپريشنل ٿي ويون آهن. هن چيو ته شهر جي 6 وڌيڪ روٽس تي بسون هلائڻ تي ڪم فوري طور تي شروع ٿيندو.
بلاول ڀٽو افتتاح

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button