سنڌ

ڪراچي ۾ اغوا وارداتون ڪندڙ 3 ڏوهاري مبينا مقابلي ۾ مارجي ويا

ڪراچي ۾ سي آءِ اي ۽ اينٽي وهيڪل سيل جي اهلڪارن پاران اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ مقابلي بعد ڀنگ لاءِ اغوا ڪندڙ بين الصوبائي گروهه جا 3 ڄڻا مارجي ويا. تفصيل مطابق ڪراچي ۾ سي آءِ اي ۽ اينٽي وهيڪل سيل جي اهلڪارن اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ مقابلي بعد ڀنگ لاءِ اغوا جي بين الصوبائي گروهه جي ٽن ڄڻن نويد احمد پٽ الهه يار ، منصور وريام پٽ سيد رسول ۽ شهباز ملڪ پٽ خان محمد کي ماري ڇڏيو، جن جي قبضي مان ڦر ڪيل هڪ ڪار ۽ هٿيار هٿ آيا. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن 22 جون تي ايئرپورٽ کان گهر ويندي عدنان نالي شخص کي بلوچ پل ڪالوني ايڪسپريس وي تان ڪار سميت اغوا ڪري ورتو هو، جيڪو 25 لک رپيا ڀنگ ڀري واپس موٽيو هو، اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ جاچ دوران پتو پيو ته جوابدارن جو تعلق ملتان سان آهي، جنهن بعد ملتان پوليس سان رابطو ڪري جوابدارن بابت معلومات حاصل ڪري جوابدارن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن جي موجودگيءَ واري اطلاع تي انهن جي گرفتاري جي لاءِ ڪارروائي ڪئي ته گرفتاري کان بچڻ جي لاءِ جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڇڏي، جوابي فائرنگ ۾ ٽئي جوابدار مارجي ويا، جوابدارن جي خلاف اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي پوليس مقابلي ۽ غير قانوني هٿيارن جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button