سنڌ

ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ خلاف شديد احتجاج،چڪريون،عورت مارجي وئي

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ شهرين کي احتجاج تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، ماڙي پور ۾ 22 ڪلاڪن تائين احتجاج جاري رهيو، جنهن سبب هزارين گاڏيون بيهجي ويون، جڏهن ته احتجاج دوران هڪ عورت فوت ٿي وئي. ايڪسپريس نيوز موجب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف شهري سراپا احتجاج بڻجي ويا. مختلف علائقن ۾ مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون. لياري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب متاثر شهري روڊن تي نڪري آيا ۽ احتجاج ڪيو. شهرين جي احتجاج سبب ماڙي پور روڊ، حب ريور روڊ، آر سي ڊي هاءِ وي، ايم ٽي خان، مائي ڪلاچي روڊ ۽ بوٽ بيسن تائين ٽرالر، ٽرڪ ٽينڪر سميت گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.ماڙيپور ۾ مظاهرين پوليس تي پٿراءُ ڪيو، جڏهن ته پوليس لٺبازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا فائر ڪيا، ڪيترائي شهري گرفتار پڻ ڪيا ويا. پوليس مظاهرين کي هٽائڻ لاءِ فائرنگ پڻ ڪئي پر مظاهرين جي جهيڙي بعد پوليس ٻيهر روڊ بند ڪري ڇڏيو. ماڙيپور روڊ تي احتجاج دوران عورت مارجي وئي. ريسڪيو ذريعن موجب لياري جي علائقي هنگور آباد جي رهواسي 60 ورهين جي ميرا بي بي ماڙي پور ۾ احتجاج دوران فوت ٿي وئي. سندس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندو ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي سٽي ڊسٽرڪٽ جو چوڻ آهي ته عورت جو موت طبعي طور تي ٿيو آهي، سندس عمر 70 ورهيه هئي. هن جو چوڻ آهي ته اهو افواهه غلط آهي ته ڪو مظاهرين تي تشدد ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ زخمي ٿي عورت فوت ٿي آهي. ايس ايس پي موجب فوتي عورت جي پوسٽ مارٽم لاءِ وارثن سان ڳالهيون جاري آهن. هن جو چوڻ آهي ته مظاهرين جو مطالبو آهي ته ڌرڻي ۾ فوت ٿي ويل عورت جو ڪيس ڪي اليڪٽرڪ خلاف داخل ڪيو وڃي. هن چيو ته پوليس وٽ مظاهري ۽ ڌرڻي جا فوٽيج به موجود آهن. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته اسان جي علائقي ۾ گذريل 12 ڪلاڪن کان بجلي بند آهي. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.ٻئي طرف گرفتار احتجاج ڪندڙن کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح بجلي جي بدترين بحران سبب ڪاوڙيل شهرين لياقت آباد، جهانگير آباد، ناظم آباد، پي آءِ بي ڪالوني، اورنگي ٽائون، ڪورنگي الله والا ٽائون، ڪورنگي الياس ڳوٺ، لانڍي فيوچر موري ۽ ٻين علائقن ۾ روڊ بلاڪ ڪري، پٿراءُ ڪري ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي اليڪٽرڪ خلاف نعريبازي ڪئي. حڪومت. ڪراچي ۾ ڪالهه به 14 مختلف هنڌن تي لوڊشيڊنگ خلاف مظاهرا ڪيا ويا. بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جو بحران به پيدا ٿي ويو. مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا ويا. شهرين جو چوڻ آهي ته هر ڪلاڪ بعد ٻه ڪلاڪ بجلي بند آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ 4 کان 6 ڪلاڪن تائين بجلي جي فراهمي معطل آهي، جڏهن ته بلديه اتحاد ٽائون، قائم خاني ڪالوني، گلشن غازي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن، لائنز ايريا، اي بي سينيئر لائين ۽ گلشن ظهور، نارٿ ناظم آباد نصرت ڀٽو ڪالوني، ڪورنگي الياس ۾ بجلي بند آهي، گلشن عريشا، جوهر ڪامپليڪس، رضوان سوسائٽي، ملير، اسڪيم 33 گارڊن، برنس روڊ ۽ سٽي ريلوي ڪالوني ۾ رات 11 وڳي کان 1 وڳي تائين ۽ شام 4 وڳي کان صبح 7 وڳي تائين اعلانيل لوڊشيڊنگ آهي، جڏهن ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو ڪو به وقت ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button