سنڌ

چين کان 100 بسون ڪراچي بندرگاهه تي پهچي ويون آهن:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جون چين کان 100 بسون ڪراچي بندرگاهه تي پهچي ويون آهن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن پيپلز بس سروس جي روٽ ون جو آغاز ٿي ويو آهي، انشاءَ الله پهرين جولائي کان روٽ 2 تي به ڳاڙهيون بسون ڊوڙندي نظر اينديون، جڏهن ته ٻن مهينن جي اندر ڪراچي جي سمورن ستن روٽس تي بسون هلايون وينديون. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي جي شهرين سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ طرف تيزي سان وڌي رهي آهي. پيپلز بس سروس جي آغاز کان پوءِ تما جلد اورنگي جي شهرين جي لاءِ اورينج لائن جو به آغاز ڪيو ويندو. پيپلز بس سروس جون ڪل 240 بسون ڪراچي پهچي چڪيون آهن. هن چيو ته ڪراچي جي شهرين سان واعدو آهي ته هڪ ٻن سالن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي هزارين بسون آڻيندي. چين ۽ ترڪي جي ٻن ڪمپنين سان ڪراچي ۾ بسن جي مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ بابت اڳڀرائي ٿي آهي. صوبائي وزير چيو ته بسن جو ڪريڊٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي وڃي ٿو. هن چيو ته ڪراچي جا شهري پيپلز بس سروس کي ڪامياب ڪن ۽ ان جي حفاظت ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button