پاڪستانسنڌ

سجاول ۾ وڌندڙ بدامني، منشيات جي ڪاروبار خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

سجاول: ايس ٽي پي سجاول پاران ضلعي سجاول ۾ وڌندڙ بدامني، منشيات جي ڪاروبار ۾ وڏي پيماني تي اضافو ٿيڻ، ایس ٽي پي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ٿيڻ ۽ آبپاشي کاتي پاران زرعي زمينن جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف مامون لاڏو چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ اڳيان مظاهرو ڪيو ويو، پبلڪ پارڪ اڳيان مظاهري کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي اڳواڻن ممتاز لغاري، جمن سنڌي، فاروق سنڌي، ريحان بوبڪ ۽ غلام آمڙو چيو ته ضلعي سجاول ۾ گذريل ڪجهه مهينن کان بدامني عروج تي آهي، روز ٻي ڏينهن چوري ۽ ڦر جون وارداتون ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي، جڏهن تہ منشيات فروشن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي، جنهن ڪري منشيات سرعام وڪرو ٿيڻ سبب هن جي استعمال ۾ به وڏي پيماني تي اضافو ٿيو آهي پر سجاول پوليس انتظاميه هنن سماجي براين خلاف ڪارروايون ڪرڻ بدران عام شهرين کي بي ڏوھه پريشان ڪري رهي آهي. هنن چتا ڏيندي چيو ته ايس ٽي پي اڳواڻ غلام آمڙو ۽ سندس پٽ مٿان داخل ڪيل ڪيس ٽن ڏينهن اندر ختم ڪرڻ سميت سندس زرعي زمين جي لا پاڻي نه کوليو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button