سنڌ

پ پ خلاف ڌانڌلي جي ڪوڙي واويلا ڪئي پئي وڃي:شرجيل انعام ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ مڪاني چونڊن جي نتيجن تي مخالف جماعتن جي احتجاج تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جون مخالف جماعتون ڌانڌلي جي ڪوڙي واويلا ڪري رهيون آهن. سوشل ميڊيا تي ايڊٽ ٿيل ويڊيوز جاري ڪيون پيون وڃن، جنهن جو حقيقت سان ڪوئي واسطو ناهي، پنهنجي جاري بيان ۾ صوبائي وزير چيو آهي ته پيپلز پارٽي ايڊٽ ٿيل ويڊيوز ٺاهيندڙن ۽ وائرل ڪندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ ايف آئي اي جي سائبر ونگ کي درخواستون ڏئي ڇڏيون آهن. هن چيو ته مخالف پنهنجي بدترين شڪست ڏسي Face Saving لاءِ اھڙي پروپيگينڊا ڪري رهيا آهن، اهو انهن جي ناڪامي جو اعتراف آهي. هن چيو ته مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ سنڌ مان پيپلز پارٽي جا 800 کان وڌيڪ اميدوار بنا مقابلي چونڊجي آيا آهن، انهن 8 سو علائقن ۾ مخالفن کي اميدوار ئي نه مليا، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي عوام پاڪستان پيپلز پارٽي تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. افسوس جو مقام آهي ته ڌانڌلي بابت دهل وڄايا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button