سنڌ

عمر جي تعين لاءِ ميڊيڪل بورڊ جو اجلاس، دعا زهره پيش نه ٿي

ڪراچي مان لاهور وڃي پيار جو پرڻو ڪندڙ دعا زهره جي عمر جي تعين لاءِ سروسز اسپتال ۾ ميڊيڪل بورڊ جو اجلاس ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪميٽي جي سمورن ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ دعا زهره جو والد، وڪيل جبران ناصر، ۽ جاچ آفيسر پيش ٿيا، جڏهن ته پوليس دعا زهره کي ميڊيڪل بورڊ آڏو پيش نه ڪري سگهي، پوليس ميڊيڪل بورڊ کي دعا زهره بابت آگاهه ڪري ڇڏيو. ميمبر بورڊ ڊاڪٽر زبير آغا چيو ته چوڪري پنجاب ۾ آهي، پيش ڪرڻ لاءِ مهلت گهري آهي، هاڻي پوليس تي آهي ته اها ڪڏهن ڇوڪري کي ڪراچي آڻي ٿي، جڏهن پوليس دعا زهره کي ڪراچي آڻيندي ان وقت بورڊ جو اجلاس ٿيندو، ميڊيڪل بورڊ ۾ سرڪاري ۽ پرائيويٽ ماهر ڊاڪٽر شامل هئا، جڏهن ته مهدي ڪاظمي پنهنجي ڌيءَ دعا زهره جا نادرا دستاويز ۽ ٻيا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button