سنڌ

رتوديرو ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ جسم ڪارڪنن جو احتجاج

رتيديري ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ جسم ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. رتوديرو ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ رتا شاخ جي آباگارن ۽ جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن رتوديرو – جيڪب آباد روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي آبادگارن ۽ جسم اڳواڻن علي احمد جکرو، اياز لولائي، ديشي ميراڻي، محمد حنيف، راجا جوڻيجو، ذوالفقار ڀٽي، غلام حسين جت، محمد موسيٰ مگسي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته رتا شاخ ۾ پاڻي جي اڻاٺ ڪري هن وقت تائين اسان سارين جو ٻيجارو به پوکي نه سگھيا آهيون، جڏهن ته ڪيترن هنڌن تي پوکيل ٻج پاڻي نه هجڻ سبب سڙي رهيو آهي. هنن چيو ته شاخ ۾ پاڻي نه اچڻ سبب هزارين ايڪڙن تي مشتمل زرعي زمين غير آباد ٿي رهي آهي، فصل پوکڻ جي مند گذرندي پئي وڃي پر هن وقت تائين آباد گارن کي پاڻي نه مليو آهي. آبادگار پاڻي نه ملڻ سبب سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن هنن چتا ڏنو ته جيڪڏهن رتا شاخ جي آبادگارن کي پاڻي نه ڏنو ويو ته سڀاڻي جمعي ڏينهن رتوديرو باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button