سنڌ

مورو ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي، مظاهرو

مورو ۾ بجلي جي غيراعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف دڪاندارن ۽ شھرين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي صادق ميمڻ، عمران ڀٽي، دين محمد مغل، سجاد چنڊ، عبدالغفار ڪورائي، هاشم زرداري، وسيم سولنگي ۽ ٻين چيو ته مورو شھر ۾ 24 ڪلاڪن مان 18 ڪلاڪ غيراعلانيل لوڊشيڊنگ سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، سيپڪو انجنيئر غيراعلانيل هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. هنن چيو ته مهانگائي سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي، بجلي نه هجڻ سبب گهرن ۽ مسجدن ۾ پاڻي نه هجڻ سبب عوام مشڪلاتن سان منهن ڏئي رهيو آهي. هنن چيو ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو وڃي ٻي صورت ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button