سنڌ

لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جو چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو

لاڙڪاڻو عوامي اتحاد طرفان مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي پاران مبينا طور ڌانڌلي ڪرڻ واري عمل خلاف شهر جي ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ جميعت علماءِ اسلام ۽ جي ڊي اي جي سوين ڪارڪنن سميت شهرين هٿن ۾ جهنڊا کڻي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري سخت نعريبازي ڪئي، جڏهن ته ڌرڻي سبب ڪيترو ئي وقت ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل رهي. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، ايم پي اي معظم علي عباسي، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا طاهر خالد محمود سومرو، محبت کهڙو، مولوي محمد الياس چنو، مولانا حميد الله سيال، رافع عباسي، علي حسن ڏاهاڻي ۽ ٻين چيو ته پيپلزپارٽي 26 جون تي ٿيل مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ڪري عوامي مينڊيٽ کي چورايو آهي، جڏهن ته اليڪشن واري ڏينهن پوليس جا سي ايس ايس آفيسر پيپلزپارٽي جي ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. هنن چيو ته پ پ طرفان نامزد ڪيل اميدوار ۽ انهن جا سپورٽر هٿيار ساڻ ڪري مختلف پولنگ اسٽيشنن تي اسان جي اميدوارن سميت ووٽرن مٿان سرعام فائرنگ، لٺيون وسائي تشدد ڪرڻ سان گڏ ٺپي بازي ڪندا رهيا، پر افسوس جو پوليس خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪندي رهي، جنهن اليڪشن جي نتيجن کي سنڌ جو عوام ڪهڙي طرح قبول ڪندو. هنن چيو ته سنڌ حڪومت پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي پوليس ۽ سرڪاري عملي جي ڌانڌلي ذريعي ڪامياب ڪرايو آهي، جنهن عمل ۾ سنڌ پوليس ۽ سرڪاري آفيسر ڀاڱي ڀائيوار آهن، جڏهن ته هوم ڊپارٽمينٽ سنڌ رينجرز جا هٿ پير ٻڌي ڪري سنڌ پوليس کي اليڪشن جو چوڪيدار بڻائي ڇڏيو هو، جنهن سان نه صرف چوڪيدار جي چور هجڻ جو خدشو يقين ۾ تبديل ٿي ويو پر امن امان جي صورتحال تباهه ٿيندي رهي، جنهن لاءِ اسان مطالبو ٿا ڪريون ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊن لاءِ مڪمل طور تي تياري ڪري ٻيهر بلدياتي اليڪشن ڪرڻ جو اعلان ڪندي سنڌ جي عوام سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button