سنڌ

قمبر ۾ ڪراچي کان آيل عورت جو پوليس ڏاڍ خلاف احتجاج

قمبر ۾ ڪراچي کان آيل عورت منور ميمڻ پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو پوليس ڏاڍاين خلاف احتجاج ڪيو. عورت دانهيندي چيو ته نصير آباد ٿاڻي جي پوليس اسان لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي، منهنجي ڀائٽي کي بيگناهه گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته منهنجي ڀائٽي غلام مرتضى ميمڻ ولد محمد علي ۽ ندا ڌي پريل ڀٽو جيڪا لاڙڪاڻي جا رھائشي آهن، انهن ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو جنهن تي ڏمرجي ندا ڀٽو جي چاچي نبي بخش منهنجي وڏي ڀائٽي غلام مصطفي مٿان ڪيس داخل ڪرايو جنهن کي پوليس ڪراچي کان کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڀائٽي جي ڪورٽ ۾ جاچ ڪرڻ ويس ته نبي بخش ڀٽو، پريل ڀٽو، اياز ڀٽو ۽ ڪجهه نامعلوم ماڻهن مونکي مارڪٽ ڪئي، جنهن جي اين سي مون داخل ڪرائي آهي. هن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مون سان انصاف ڪري گم ڪيل ڀائٽي کي آزاد ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button