سنڌ

ڪرمپور ڪچي ۾ ڪاٺيون ميڙڻ لائي ويل 6 پورهيت هٿياربندن هٿان اغوا

ڪرمپور ويجهو ڪچي ۾ ڪاٺيون ميڙڻ لا ويل 6 پورهيتن کي هٿياربند اغوا ڪري ويا. ڪچي واري علائقي ۾ گڏهه گاڏن تي ڪاٺيون ميڙي گذارو ڪندڙ 6 پورهيتن کي هٿياربند اغوا ڪري ويا، هڪ ڄڻو اغوا کان بچي ويو. انڊس ها وي ويجهو ڳوٺ گل محمد چاچڙ جا رهواسي پورهيت مٺل چاچڙ، سندس چار پٽ ۽ ڀاڻيجو هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويا. اغوا ٿيلن ۾ مٺل چاچڙ، پرويز، حاجي، رزاق، بلاول، جهانگير چاچڙ شامل آهن. مشتاق چاچڙ اغوا کان بچي ويو. ڌاڙيلن کان ڀڄي واپس پهتل مشتاق چاچڙ وارثن کي اطلاع ڏنو. چاچڙ برادري جا ماڻهو واقعي واري هنڌ پهتا پوليس دير سان پهتي. واقعي بعد ڊي ايس پي خانپور جي اڳواڻي ۾ ناپرڪوٽ ۽ خانپور پوليس واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري واپس موٽي آئي. 6 ماڻهن جي اغوا بعد علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آهي. ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته مڪاني چونڊن ۾ تيغاڻي وڏيرن کي ووٽ نه ڏيڻ تان هٿياربند چاچڙ برادري جي 6 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا آهن. هوڏانهن مغوين جي وارث محمد حسن چاچڙ چيو ته اسان غريب آهيون ڪنهن سان دشمني ناهي، اسان جا نوجوان روزانو ڪاٺيون ميڙي گذارو ڪندا آهن جن کي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن، مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي. هنن ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته 6 مغوين کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ انڊس ها وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪنداسين. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ناپرڪوٽ عبدالشڪور لاکو جو چوڻ هو ته مغوي ڌاڙيلن جي گهرن اڳيان ڪاٺيون ڪرڻ ويا هئا، ڌاڙيل ٻيلو تيغاڻي جي ٽولي کين ٻڌي ويهاريو آهي، حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون، مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button