سنڌ

وڏي وزير طرفان ڪي فور رٿا وقت اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلائي اسڪيم ڪي فورجي 260 ايم جي ڊي جي فيز ون جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي چيو ته منصوبو آڪٽوبر 2022 ۾ شروع ڪيو ويندو ۽ جنوري 2024 تائين مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽائم لائن مقرر ڪري ورتي آهي. خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، مڪاني ادارن وارو سيڪريٽري نجم شاهه، پي ڊي ڪي فور صلاح الدين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي سيڪريٽري بلديات ۽ پي ڊي ڪي فور جي سهڪار سان بريفنگ ڏيندي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه ٻڌايو ته منصوبي تي ڪل لاڳت 53 ارب رپيا ايندي، 28 ڪلوميٽر پهرين 72 انچ جي پائپ لائن رزروائر کان وائي جنڪشن لانڍي ٽائون ويجھو درساڻو ڇنو کان گلشن حديد، قائداعظم پارڪ، نارٿ ويسٽ زون ۽ ٻڪرا پڙي کان لانڍي تائين وڇائي ويندي، ان پائپ لائن ۾ 28 ڪلوميٽرن جي اندر وارن علائقن کي 65 ايم جي ڊي پاڻي ملندو، گڏاپ جي ويجهو 96 ۽ 72 انچ جون پائيپ لائينون وڇايون وينديون، ان کان پوءِ سي او ڊي کان گلبائي تائين 14 ڪلوميٽر ۽ 72 انچ ڊاءِ پائيپ لائين وڇائي ويندي، پائپ لائين 130 ايم جي ڊي پاڻي کڻي ايندي يعني 65 ايم جي ڊي پاڻي سي او ڊي لاءِ ۽ 65 ايم جي ڊي گلبائي لاءِ هوندو. پائپ لائن گلزار هجري، يونيورسٽي روڊ، گلشن اقبال، عسڪري تفريح پارڪ، سائٽ ۽ گلبائي ايريا لاءِ هوندي. تيسر ٽائون جي ڀرپاسي تعمير ٿيندڙ ريزروائر کان سرجاني ٽائون جي رستي بنارس تائين 28 ڪلوميٽر ڊگهي 72 انچ جي پائيپ لائين وڇائي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير منصوبي جي منظوري ڏيندي پي ڊي کي هدايت ڪئي ته روڊ ڪراسنگ، ريلوي ڪراسنگ ۽ پائيپ لائين لاءِ موجوده يوٽيلٽي ڪراسنگ جو اين او سي حاصل ڪيو وڃي ته جيئن آڪٽوبر 2022ع ۾ تعمير ٿيڻ کان اڳ سموري ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪري سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير مڪاني ادارن واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو سيپٽمبر ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ان جي تعمير جي منظوري ڏني وڃي ۽ پوءِ آڪٽوبر ۾ پائيپ لائين جي تياري جو آرڊر ڏنو وڃي ته جيئن نومبر ۾ پائيپ لائين وڇائڻ جو ڪم شروع ٿي سگهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پهرين ٽن مهينن جي ٽائم لائين آهي ۽ وڌيڪ چيو ته 12 مهينن جي اندر نومبر 2022ع کان نومبر 2023ع تائين سمورن رستن تي پائيپ لائين وڇائڻ جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن منصوبي کي ڪميشن لاءِ واٽر بورڊ حوالي ڪري سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو ذاتي طور تي ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندو ۽ ان دوران مڪاني ادارن وارو وزير ۽ چيف سيڪريٽري پڻ منصوبي جو دورو ڪندا. مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ڪي فور منصوبي جي تعمير کي به تيز ڪري رهي آهي تنهن ڪري صوبائي حڪومت کي واڌو ڪم مڪمل ڪرڻو آهي ته جيئن سڄو منصوبو نومبر 2023ع تائين ڪم ڪري سگهجي. هن چيو ته هن شهر جي ماڻهن کي پاڻي جي ضرورت آهي ۽ اسان ان لاءِ پرعزم آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button