مهر گروپ اڳواڻ ۽ گهوٽڪي ضلعي جي اڳوڻي چيئرمين حاجي خان مهر چيو آهي ته مڪاني چونڊن کان اڳ پ پ وارن ڌانڌلي جو پروگرم جوڙيو هو، پولنگ اسٽيشن کي شهر کان ٻهراڙي جي علائقن ۾ قائم ڪري اليڪشن واري ڏينهن عملو به پنهنجي مرضي سان مقرر ڪيو ويو هو. گهوٽڪي پريس ڪلب ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ڪائونسلرن سيد اصغر علي شاهه، اشوڪ ڪمار، ماجد شاہه، وڪيل سڌامچند ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ مڪاني چونڊون صاف ۽ شفاف ناهن ٿيون، جنهن بابت اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ميونسپل ڪميٽي گهوٽڪي جي وارڊ نمبر 12 تي ڪامياب ٿيل آزاد اميدوار اشوڪ ڪمار خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اقليتي برادري سان زيادتي ڪئي پئي وڃي، حڪومتي ڌر انتظاميه تي دٻا وجهي رهي آهي، خانپور مهر ۾ 9 ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، مڪاني چونڊون ڪرائڻ دوران گهوٽڪي جي انتظاميا فيل ٿي وئي آهي، اسان جي حامين خلاف ايف آ آرز جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، اسان جي ماڻهن سان زيادتيون ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان وٽ فارم 11 موجود آهي، جنهن ۾ اسان کي ڪاميابي ملي آهي پر هاڻ نتيجا تبديل ڪيا پيا وڃن، اسان 34 يوسيز کٽي ويا آهيون، ڪامياب ٿيل آزاد اميدوار به اسان سان گڏ آهن. هن چيو ته اسان ڪوڙن ڪيسن ۽ زيادتين خلاف ها ڪورٽ ۾ وينداسون، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close