سنڌ

آديش ڪمار بازياب نه ٿي سگهيو، مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

راڻيپور جي شھباز ڪالوني مان اغوا ٿيل آديش ڪمار کي 4 ڏينھن گذري ويا پر سندس ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگھيو آھي، نينگر جي بازيابي لاءِ راڻيپور جي سول سوسائٽي، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ قومپرست ڪارڪنن راڻيپور جي باب بودلا گيٽ کان بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي. جيڪا قومي شاھراھه کان ٿيندي باب دستگير گيٽ وٽ پهتي، جتي قومي شاهراھه تي نٽھڻ اُس ۾ ڌرڻو ھنيو ويو. ڌرڻي جي اڳواڻي ڊاڪٽر نظير کوکر، ٽائون ڪميٽي راڻيپور جي اڳوڻي وائيس چيئرمين غلام اصغر وساڻ، ايڊوڪيٽ نور محمد تنيو، شوڪت گھانگھرو، مکي نانڪ رام، فوزيه ڄامڙو، علي امداد لاڙڪ، ساجد منڱريو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ھنن چيو ته ھتان پوليس جي نااھلي سامھون اچي وئي آھي، اھي صرف ٺلها آسرا ڏئي رھيا آھن ته اسان اغواڪار تائين پھچي ويا آھيون پر 4 ڏينھن گذرڻ باوجود نينگر جو ڪوبه ڏس پتو پئجي ناهي سگھيو.اگر ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر آديش بازياب نه ٿيو ته ٻيھر ڌرڻو ھڻنداسين. ٻئي پاسي راڻيپور پوليس مشھور ٽرانسپورٽ رياض شاھاڻي کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، اھڙي واقعي بعد سندس ڀاءُ غلام قاسم شاھاڻي پريس ڪلب پھچي دانھيندي چيو ته اسان شريف ٽرانسپورٽ آھيون، پوليس بيگناھه اسان جي ڀاءُ کي گرفتار ڪيو آھي. ھنن چيو ته پوليس آديش جي ڪيس ۾ ڪيترائي ماڻھو پڪڙي انھن کان پيسا وٺي ڇڏي رھي آھي، ٻئي پاسي جسم چئيرمين رياض چانڊيو چيو ته سنڌ جي اصل رھواسين کي ھڪ سازش تحت اغوا ڪيو پيو وڃي، جن سازشن کي ناڪام بنائڻ لاءِ سنڌين کي متحد ۽ منظم ٿيڻو پوندو، ھن چيو ته معصوم آديش ڪمار کي جلد بازياب ڪرايو وڃي. ٻئي پاسي آديش ڪمار جي بازيابي لا ءِ قومپرست اڳواڻ حيدر چانڊيو، وحيد چانڊيو، مکي نارائڻ داس، حاڪم مل، راجا ڪمار، امر لعل، مقصود چانڊيو، راشد چانڊيو، اظھر سولنگي، شعيب پلھه، رانجھو مل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ڪنب سٽي پريس ڪلب کان ٿيندي شھر جي مين بازار ۽ مختلف ھنڌن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي. گمبٽ ۾ آديش ڪمار جي بازيابي لا ءِ سنڌ سوشل فورم، ھندو برادري، ايس ٽي پي ۽ ايس يو پي ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. جنهن جي اڳواڻي حفيظ شيخ، علي محمد سروھي، تاج محمد مھر، نادر آرائين، سڪندر چانڊيو، ھريش ڪمار، پرديپ ڪمار، ٽوپڻ مل ۽ ٻين ڪئي. هنڱورجا ۾ سنڌ ترقي پسند اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي چيف آرگنائيزر ڄام مهدي رضا سهتو، سنڌي ادبي سنگت جي ڄام محبت سهتو ۽ عظيم عباس آرائين جي اڳواڻي ۾ پنجهٽي بازار کان پريس ڪلب هنڱورجا تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته ڏينهن ڏٺي جو معصوم آديش ڪمار کي اغوا ڪيو ويو پر راڻيپور توڙي ضلعي پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي. هيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن سکر پاران آديش ڪمار جي بازيابي لاءِ سکر پريس ڪلب آڏو الاهي بخش ميتلو، ايڊووڪيٽ سلميٰ، آپا زبيده گھانگهرو، مشتاق احمد ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button