سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پورهيت جو پٽ جي گمشدگي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي ڀينس ڪالوني وڳڻ هوٽل واري علائقي جي رهواسي بورچي 3 هفتا اڳ پراسرار نموني گم ٿيل 13 ورهين جي نينگر جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي پورهيت احمد خان ابڙو دانهيو ته منهنجو پٽ اختيار ابڙو فرجن جي دڪان تي ڪم ڪندو آهي، جيڪو 3 هفتا اڳ گهران سائيڪل تي ريس لاءِ نڪري ويو جنهن بعد هو پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، جنهن کي مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪرڻ سان گڏ رحمت پور پوليس کي شڪايت به ڪئي پر ان باوجود سندس ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو، جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي سخت پريشان آهيون. هن مطالبو ڪيو ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button