سنڌ

خانپورمهر ۾ جهيڙي جو ڪيس داخل، پوليس چڙهائي، 4 ڄڻا کڻي وئي

خانپورمهر ۾ آر او آفيس ۾ ٻن سياسي گروپن ۾ جهيڙي جو ڪيس سرڪار پاران پوليس اهلڪار شوڪت گڏاڻي جي فرياد تي خانپورمهر ٿاڻي تي اليڪشن ۾ پ پ اميدوارن سامهون چونڊ وڙهندڙ توڙي حمايتي 9 سڃاتل حليم مهر، سائين ڏنو مهر، احمد علي مھر، آصف علي مهر، قلندر بخش مہر، محمد ابراهيم مهر ۽ ٻين سميت 12 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. گهوٽڪي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ان سلسلي ۾ خانپورمهر لڳ ڳوٺ خدابخش مهر تي چڙهائي ڪري گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارڙن مٿان لٺين سان تشدد ڪيو. پوليس اهلڪارن گهرن ۾ ڀڃ ڊاھه بعد 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري کڻي وئي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن حيدري مهر عورتن ۽ ٻارڙن احتجاج ڪندي چيو ته اليڪشن ۾ جي ڊي اي ۽ مهر گروپ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ ۽ سندن حمايت ڪرڻ سبب اسان جي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پوليس اٽالن گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو ۽ لٺيون هڻي هڪ نينگري کي زخمي ڪيو. ڳوٺاڻن چيو ته ووٽ اسان جو جمهوري حق آهي، اسان جي خلاف سياسي انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. ڳوٺاڻن چيو ته پوليس اسان جي 4 ڄڻن پيرسن غلام قادر مهر، محمد حنيف مهر ،غلام علي مھر ۽ هڪ مهمان کي کڻي وئي آهي. ڳوٺاڻن پوليس جي انتقامي ڪاررواين جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button