سنڌ

ڏوڪري ۾ شاعر ۽ اديب ظهير بسمل جي بازيابي لائي احتجاجي مظاهرو

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جي اڳوڻي سيڪريٽري، شاعر ۽ اديب ظهير بسمل جي بازيابي لاءِ سندس گهر ڀاتين، سنڌي ادبي سنگت ۽ جسقم پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائون هال ڏوڪري ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي سڌير احمد، آصف علي، عرفان راهي، آفاق احمد، پيرل ٻٽ، اقرار پيرزادي، رڪ سنڌي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٻه هفتا اڳ ظهير بسمل کي موهن جي دڙي گيٽ ٻاهران کنڀيو ويو، جنھن جو اڄ تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن چيو ته ظهير بسمل خوبصورت شاعر، اديب ۽ امن پسند انسان آهي، هن مٿان ڪو ڪيس داخل ناهي. هنن چيو ته سندس ٻڍڙي ما سخت بيمار آهي ۽ اها بيهوشي ۾ ظهير ظهير پڪاري رهي آهي. هنن چيو ته هفتي اندر ظهير کي ظاهر نه ڪيو ويو ته اهي سنڌ اسيمبلي آڏو مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button