سنڌ

قبو سعيد خان ۾ سيف الله مگسي برانچ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

قبوسعيد خان ۾ سيف الله مگسي برانچ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن غلام نبي چنا جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي قبو شھري امن ڪميٽي جي چيئرمين ماستر محمد نواز بروھي عبدالوحيد کوسو، شبير راھوجو، گھنور بروھي، محمد علي کوسو، طارق چنا، غلام مرتضى بروھي، عبدالرحيم حيدري، رسول بخش بروهي، گل محمد کرل ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته جون مھينو گذري ويو آھي پر اسان کي ھن مھل تائين زرعي پاڻي نه ڏنو ويو آھي، سيف الله مگسي برانچ جي مختلف شاخن ۾ واري اڏامي رھي آهي. ھنن چيو ته اسان ھن وقت تائين ٻيجارو به پوکي نه سگھيا آھيون. هاڻي ته شاخن ۾ مال کي پيارڻ لا به پاڻي ناھي. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي راشي انجنيئر کي هٽائي مختلف شاخن ۾ پاڻي پهچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button