سنڌ

رتوديرو ۾ پوليس جي گهرن تي چڙهائي،3 عورتون کنڀي وئي، احتجاجي مظاهرو

رتوديرو ۾ پوليس جوابدارن جي گرفتاري لا گهرن ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪندي عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو. خبر موجب 9 ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل رتوديرو واسي پوليس اهلڪار غلام اڪبر سيانچ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڊي ايس پي ميران خان دراني پوليس اهلڪارن جي اٽالن سان گڏ شهر جي مبارڪ شاهه محلي ۾ واقع ڀٽي برادري جي چئن ڄڻن شهيد پوليس اهلڪار محبت علي الله ڏتو، نور محمد ۽ منير ڀٽي جي گھرن تي ڪاهه ڪري گھرن ۾ گهڙي سامان جي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان گڏ گھرن ۾ موجود عورتن کي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته پوليس گھرن ۾ پيل سامان جي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد مبينا هڪ معصوم نينگري سميت ٻن عورتن کي کنڀي وئي. پوليس چڙهائي خلاف عورتن احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نجمه، اختيار خاتون، ثمينه، شازيه پروين، ظهران خاتون ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پوليس گھرن مٿان چڙهايون ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري گھرن ۾ پيل سامان جي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان گڏ عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو. جڏهن ته پوليس اهلڪارن جي تشدد ۾ اسان عورتن جا ڪپڙا ڦاٽي پيا. هنن چيو ته غلام اڪبر سيانچ جي قتل ۾ اسان جا مرد ملوث ناهن ۽ نه ئي وري انهن کي ڪا ڄاڻ آهي. عورتن پوليس مٿان الزام هڻندي چيو ته پوليس ڪاهه بعد شهيد پوليس اهلڪار محبت ڀٽي جي 9 ورهين جي نياڻي شبيران، ننهن محمودا ۽ شمشاد خاتون کي کنڀي وئي آهي هنن چيو ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي جو نياڻين مٿان ائين تشدد ڪري انهن جا ڪپڙا ڦاڙي ۽ گھرن مان نياڻين کي کنڀيو وڃي. مقتول غلام اڪبر سيانچ جي پٽ سرفراز اسان جي هڪ ڇوڪريءَ وحيدان سان زوري شادي ڪئي آهي، جڏهن ته ٻي ڇوڪري ڪشش اڃا تائين سيانچ برادري وٽ يرغمال آهي، جڏهن ته سيانچ برادري وارن جو ٻين ڪيترن ئي برادرين سان تڪرار هلندڙ آهي اسان کي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هنن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button