سنڌ

سمي مان اغوا ٿيل نوجوان جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو

سمي شھر مان اغوا ٿيل نوجوان ذوالفقار ملاح جي بازيابي لاءِ شهرين هنڱورجا ۾ دلبر ملاح، نديم ملاح، شفيق کوکر، وقاص ملاح، حيدر گل سولنگي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته سمي جو رهواسي ذوالفقار ملاح سمي کان هنڱورجا اچي رهيو هو ته رستي مان نامعلوم هٿياربند کيس کنڀي کڻي ويا، هنن ٻڌايو ته ٽن ڏينهن بعد اسان کي خبر پئي ته کيس حيدرآباد پوليس کنڀي گم ڪيو آھي، هنن چيو ته جيڪڏهن نوجوان پوليس کي گهربل آھي ته گرفتاري ظاھر ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، بيگناھه کنڀي گم ڪرڻ بااثرن جي ونگار آھي، جيڪو ظلم آھي. هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button