سنڌ

دعا زهره ڪيس، جاچ آفيسر جي تبديلي بابت درخواست تي فيصلو محفوظ

دعا زهره اغوا ڪيس ۾ عدالت جاچ آفيسر جي تبديلي جي خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر ۾ دعا زهره ڪيس ۾ جاچ آفيسر جي تبديلي بابت داخل درخواست تي شنوائي ٿي، شنوائي دوران جاچ آفيسر جي تبديلي بابت درخواست تي وڪيلن دليل مڪمل ڪيا. درخواست گذر جي وڪيل جبران ناصر وڌيڪ چيو ته جاچ آفيسر چوي ٿو ته مون کي لڳي ٿو ته اغوا جو ڪيس نه آهي، ان بيانن کان پوءِ ڪهڙي اميد ڪجي ته هو اڻڌري جاچ ڪندو، هي جاچ آفيسر ڪنهن اشاري تي ڪم ڪري رهيو آهي. شنوائي دوران جبران ناصر چيو ته ڇوڪري جي عمر جي تعين لاءِ هڪ مضبوط ميڊيڪل بورڊ ٺهي چڪو آهي، درخواست گذار جي وڪيل جبران ناصر چيو ته هي ڪيس ۾ هڪ آئي جي معطل ٿي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button