سنڌ

ڪنب ويجهو پلاٽ جي معاملي تان جهيڙو، صحافي قتل، لاش رکي ڌرڻو

ڪنب ويجهو پلاٽ جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري صحافي قتل ٿي ويو، واقعي خلاف لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، ڪنب ٿاڻي تي 6 ڄڻن خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس 3 ڄڻن کي لاڪپ ڪري ڇڏيو. خبر موجب ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ وزير خان سوڍڙو ۾ پلاٽ جي مامري تي سوڍڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنھن دوران صحافي اشتياق سوڍڙو جي گهر مٿان سندس برادري جي ماڻهن حملو ڪيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب اشتياق زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس نيو پئي ويو ته زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جنھن بعد سندس وارثن ۽ صحافين لاش کڻائي قومي شاهراھه گمبٽ موڙ تي باب سچل سرمست گيٽ سامھون نٽھڻ اُس ۾ لاش رکي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته اسان جي صحافي کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي، جوابدار کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. قتل واقعي خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لا صحافين قربان منگي ۽ احمد رند جي اڳواڻي ۾ صحافين ۽ وارثن ڪنب ٿاڻي آڏو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته بااثر اهلڪار امام الدين سوڍڙو ڌر حملو ڪري صحافي اشتياق سوڍڙو کي بيدردي سان قتل ڪيو آھي، صحافي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڪنب ايس ايڇ او محمد خان سيال احتجاج ڪندڙن کي روڊ کولڻ جو چوندو رهيو پر مظاهرين جوابدار گرفتار ڪرڻ تائين روڊ کولڻ کان کتو جواب ڏيندي مطالبو ڪيو ته صحافي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. ڌرڻي واري هنڌ يونين آف جرنلسٽ خيرپور جو اڳواڻ نويد کهڙو ۽ ٻيا پهتا، ايس ايڇ او ۽ صحافي اڳواڻن ۾ ڳالهين ۾ ايس ايڇ او پاران ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائڻ تي احتجاج ختم ڪيو. ٻئي پاسي ڪنب ٿاڻي تي صحافي اشتياق سوڍڙو جي گھرواري رضيا سوڍڙو جي فرياد تي ڇهن جوابدارن پير بخش، سائين بخش، نبي بخش، نظر حسين، زاھد حسين سوڍڙو ۽ ھڪ اڻڄاتل شخص مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ ڄاڻايو ته منھنجو مڙس ۽ ڏير اوطاق جي گيٽ جو ٺلهه ٺاھي رھيا ھئا ته جوابدارن اچي مٿن حملو ڪيو ۽ منھنجي مڙس کي سرون ھنيون، جنھن کي گمبٽ اسپتال کڻائي وياسين ته فوت ٿي ويو، ڪنب پوليس ڪارروائي ڪندي ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن پير بخش، نبي بخش ۽ سائين بخش سوڍڙو کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button