سنڌ

پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ ۽ استاد ڪارنهن الزام هيٺ قتل

جيڪب آباد ۾ پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ ۽ ڊيرا الهيار ۾ استاد کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو. جيڪب آباد ۾ پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ کي مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ پٽ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدارن ساڳئي معاملي تان بلوچستان ۾ ٽيچر کي قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي حد جعفرآباد پاڙي ۾ جوابدار رياض مرهٽو پنهنجي ماءُ ۽ پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ عابدہ پروين کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو ته هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتولڻ جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته جوابدار بلوچستان جي شهر ڊيرا الهيار پهچي ٽيچر وحيد مراد رخشاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سول لائن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو ڪارنهن معاملي تان پيش آيو آهي، جوابدار رياض پنهنجي ماءُ کي قتل ڪرڻ بعد ڊيرا الهيار ۾ هڪ بروهي کي به قتل ڪري ڇڏيو، جاچ جاري آهي جلد جوابدار کي گرفتار ڪنداسين. ان سلسلي ۾ بلوچستان جي ڊيرا الهيار ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالرؤف جمالي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جيڪب آباد شهر ۾ عورت کي قتل ڪيو ويو، ان سان ڪارنهن جو الزام مڙهي ڊيرا الهيار واسي ٽيچر وحيد مراد رخشاڻي کي هوٽل تي گهرائي قتل ڪيو ويو آهي. بلوچستان پوليس موجب ته واقعو ڪارنهن الزام هيٺ پيش آيو آهي، جوابدارن جي ڳولا جاري آهي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. ھوڏانھن ٻي طرف پيپلزپارٽي ضلعي جيڪب آباد پاران پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ عابدہ پروين جي قتل واري واقعي تي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي چيو ته عابده پروين پارٽي جو اثاثو هئي، ان جي قتل کانپوءِ خال ڀرجي نه سگهندو. عابده پروين جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي بخش نه ڪيو ويندو، جوابدارن کي سخت سزا ڏيارينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button