سنڌ

ڪرمپور ويجهو 5 مهينا اڳ اغوا ٿيل پورهيت جي وارثن جو احتجاج

ڪرمپور ويجهو پنج مهينا اڳ اغوا ٿيل پورهيت صادق لاشاري بازياب نه ٿي سگهيو. وارثن انڊس ها وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ انڊس ها وي تان هٿياربند صادق لاشاري کي ٽرڪ مان لاهي اغوا ڪري ويا هئا ناپرڪوٽ پوليس پنج مهينا گذرڻ باوجود مغوي کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. ڪرمپور لاڙي وٽ مغوي جي وارثن محمد عيسى لاشاري، اسلم لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو. ڌرڻي سبب شڪارپور-ڪنڌڪوٽ روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. مغوي جي وارثن دانهيندي چيو ته پنج مهينا اڳ مزدور صادق لاشاري کي ٽرڪ مان لاهي اغوا ڪيو ويو پر شڪارپور پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. هنن چتا ڏنو ته صادق لاشاري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ روزانو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويندو. ڊي ايس پي خانپور عبدالمالڪ ڀٽو ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري هڪ هفتي جي مهلت وٺي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button