سنڌ

قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف جناح باغ کان احتجاجي مظاهرو ڪري هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نٽهڻ اس ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ عرفان گوپانگ، طفيل احمد سانگاهه، شوڪت چانڊيو، ڊاڪٽر وقار شابراڻي، نواب پير بخش سپرو، عبدالمجيد پرڏيهي ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته پاڻي کوٽ سبب گذريل ٻن سالن کان اسان وٽ فصل نه ٿي رهيا آهن، جنهن سبب اسان ڏڪار واري صورتحال مان گذري رهيا آهيون. جڏهن ته اسان جون زرعي زمينون بنجر بڻجي ويون آهن. ٻئي طرف نااهل حڪمرانن تيل جا اگهه وڌائي مهانگائي جو طوفان آڻي ڇڏيو آهي، غريب مسڪين پورهيت بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button