سنڌ

تنگواڻي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري پورهيت قتل ڪري ڇڏيو، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد محراب ڏاهاڻي رائيس مل وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري غلام حيدر عرف لوهار ملڪ کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول غلام حيدر ملڪ جي وارثن فيض محمد ملڪ، ياسين ملڪ، ولي محمد ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاش کڻي انڊس ها وي ٺل-ڪنڌڪوٽ روڊ تي رکي احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي وارثن دانهيندي چيو ته باجڪاڻي برادري جي هٿياربندن گوليون هڻي اسان جي پورهيت کي قتل ڪيو آهي. واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف تنگواڻي پوليس مقتول جي وارثن جي فرياد تي 4 جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جلد ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button