سنڌ

بخشاپور ۾ مهانگائي خلاف پي ٽي آءِ جو احتجاج

بخشاپور ۾ مهانگائي خلاف پي ٽي آءِ ضلعي صدر محمد حنيف ڊومڪي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت عوام مٿان مهانگائي جا بم ڪيرائي رهي آهي، جنهن سبب غريب عوام ٻن ويلن جي ماني کائڻ کان قاصر آهي. هنن چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف اڳيان گوڏا کوڙي سڀ شرطون مڃي ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته پي ڊي ايم عمران خان جي حڪومت ۾ مهانگائي خلاف مارچ ڪيا هئا، هاڻي اهي ڪٿي گم آهن، امپورٽڊ حڪومت جي خاتمي تائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button