سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ووٽ نه ڏيڻ تان پورهيت تي تشدد، گهر کي باهه، ڌرڻو

ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ نئين گڏ جي رهواسي پنهور برادري جي مردن ۽ عورتن پنهنجي ٻارن سان گڏجي بااثر وڏيري ۽ سندس پٽ خلاف خيرمحمد آريجا باءِ پاس وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ڏوڪري ۽ موئن جو دڙو ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي پورهيت سچل پنهور پنهنجي ڀاءُ حزب الله ٻگهيو، سئوٽن ذوالفقار، مٺل، علي اصغر، غفور پنهور ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته گذريل مڪاني چونڊن ۾ يونين ڪائونسل نئين گڏ تي بااثر وڏيري سرفراز خان ٻگهيو جي پٽ محمود خان ٻگهيو جي ڊي اي جي ٽڪيٽ تان يوسي چيئرمين جي سيٽ تي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ اسان چونڊن ۾ ان بجاءِ پيپلز پارٽي اميدوار ظاهر ٻگهيو کي ووٽ ڏنا. هن الزام لڳايو ته ووٽ نه ڏيڻ واري ڳالهه تان بااثر وڏيري سرفراز خان ٻگهيو ۽ سندس پٽ محمود خان ٻگهيو پنهنجي هٿياربندن سان مون سميت منهنجي ڀاءُ نواب پنهور کي اوطاق تي کڻائي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو، صبح جي 9 وڳي مون کي ڇڏي ۽ ڀاءُ نواب پنهور کي باندي بڻائي گم ڪري ڇڏيو جيڪو اڃان تائين انهن جي قيد ۾ آهي پر ان جي باوجود انهن جي ھٿياربندن منهنجي گهر کي باهه ڏئي ڀڃ ڊاهه ڪري عورتن ۽ ٻارن کي حراسان ڪرڻ بعد ڌمڪيون ڏيندا رهيا، انهن خلاف حد جي حسن واهڻ ٿاڻي جي پوليس کي شڪايت ڪئي پر پوليس بااثر وڏيري ۽ سندس پٽ خلاف ڪارروائي لاءِ تيار ناهي.ٻئي پاسي جي ڊي اي اڳواڻ سرفراز خان ٻگهيو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته نواب پنهور ۽ ٻيا ڪوڙو ڊرامو رچائي منهنجي ۽ منهنجي پٽ خلاف اوطاق تي ناحق بند ڪرڻ ۽ اغوا جا ڪوڙا الزام مڙهي رهيا آهن، جن ۾ ڪابه صداقت ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button