سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ مزدورن جو بيلچا ۽ ڪوڏرون کڻي احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ جڳهن جي ڪاريگرن ۽ مزدورن اجرت ۾ اضافو نه ڪرڻ خلاف هٿن ۾ بيلچا ۽ ڪوڏرون کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. پورهيتن اياز بروهي، نظير خاصخيلي، نيڪ محمد جمالي ۽ ٻين چيو ته ملڪ کي ترقي جي راھه تي وٺي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ اتحادي حڪومت هر 15هين ڏينهن پيٽرول، گئس، بجلي ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ اضافو ڪري عوام کان ٻن ويلن جي ماني به کسي ورتي آهي، نتيجي ۾ اسين سڄو ڏينهن سخت گرمي ۾ محنت ۽ مزدوري ڪندا آهيون، شام جي وقت 6 سئو رپيا ڏهاڙي هٿن ۾ ڏئي روانو ڪيو ويندو، جنهن سان گهر جو خرچ هلائڻ به مشڪل ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button