سنڌ جي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايمنسٽي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب عمران خان جي دور ۾ پاڪستان ڪرپشن ۾ سڀ کان اڳتي هو، عمران خان قوم کي ان جو جواب ڏئي. هن چيو ته افسوس جو عمران خان حج جي مقدس ڏينهن تي به ڪوڙ ۽ الزام لڳائيندو رهيو. عمران خان پاڪ ڏينهن تي ئي قوم سان سچ ڳالهائي ها. ڪوڙ۽ منافقت عمران خان جي سياست جو محور رهي آهي. هن چيو ته عمران خان ڪوڙ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.عمران خان پنهنجي دور ۾ مالم جبه، بلين ٽري سونامي، پشاور بي آر ٽي سميت نيب جا ميگا ڪرپشن اسڪينڊل بند ڪرايا. عمران خان جي دور ۾ بني گالا ڪرپشن جو مرڪز رهيو. صوبائي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ سياسي مخالفن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، جنهن جو اعتراف سندس اڳوڻا وزير ڪري رهيا آهن عمران خان جادو ۽ ڪاري علم ذريعي پنهنجي حڪومت هلائي. هن چيو ته عمران خان سڀ کان وڌيڪ نااهل وزيراعظم ثابت ٿيو. هن چيو ته پاڪستان کي جادوگرن ۽ جعل سازن جي حوالي نٿو ڪري سگهجي. عمران خان اهو شخص آهي، جنهن پنهنجي محسنن سان به دغابازي ڪئي. صوبائي وزير چيو ته عمران خان جي واويلا احتساب کان بچڻ جي ڪوشش آهي. هو پاڻ کي احتساب ۽ ڪرپشن اسڪينڊلز کان بچائڻ لاءِ ماحول پيدا ڪري رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close